عزير عليه السلام

عُزير عليه السلام: حضرت عزير عه الله تعاليٰ جو پيغمبر هو، قرآن مجيد ۾ حضرت عزير عه جو نالو فقط هڪڙي جاءِ تي سورت توبه ۾ آيو آهي ۽ ان ۾ فقط اهو چيو ويو آهي ته يهودي عزير عه کي الله جو پٽ مڃيندا آهن. عزير عه جي پيءُ جي نالي ۽ نسب جي سلسلي ۾ ڪجهه ٻين نالن ۾ لکندڙن جي وچ ۾ اختلاف آهي پر ان ڳالهه تي سڀني جو اتفاق آهي ته حضرت هارون بن عمران جي نسل مان آهن. ابن عساڪر هن جي پيءُ جو نالو ‘جروهه’ ٻڌايو آهي ۽ ڪجهه محققن هن جو نالو ‘سوريق’ ۽ سُروخا بيان ڪيو آهي.حضرت عزير عه جي پاڪ زندگيءَ متعلق تفصيلي حالتن جو ڪجهه وڌيڪ مواد سيرت ۽ تاريخ جي ڪتابن ۾ نه ٿو ملي. البت توريت ۽ بني اسرائيل جي بابل جي کنڊرن منجهان ڪجهه ڄاڻ ملي ٿي، توريت ۽ وهب بن منبه ۽ ڪعب احبار کان نقل ٿيل روايتن مان ايتري خبر پوي ٿي ته هو بخت نصر جي بيت المقدس تي حملي واري زماني ۾ ننڍو هو ۽ چاليهن سالن جي عمر ۾ بني اسرائيلن جي منصب ‘فقه’ تي فائز ٿيو ۽ ان کان پوءِ کيس نبوت جو منصب عطا ٿيو. بني اسرائيلين جي هدايت ۽ اصلاح جو فرض پورو ڪندا هئا. ارديش جي زماني ۾ هو نبي اسرائيلين جو بيت المقدس جي تعمير ۾ مشڪلاتن کي دور ڪرڻ جي سلسلي ۾ شاهي درٻار ۾ پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندو رهيو. ابن ڪثير،
وهب بن منبه، ڪعب احبار ۽ عبدالله بن سلام کان روايت نقل ٿيل آهي ته عزير عه بني اسرائيلين جي لاءِ توريت جي تجديد عراق ۾ حزقيل جي مڙهيءَ ۾ ڪئي هئي ۽ انهيءَ جي ويجهو ئي هڪ ڳوٺ ‘سائر آباد’ ۾ هن جي وفات ٿي ۽ هن جي قبر دمشق ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو